آمريڪا، ايران کي جوهري معاهدي لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين جوهري معاهدي لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن ايران جي اعليٰ عملدارن کي لکيل خط ۾ تجويز پيش ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نئين سر جوهري ڳالهين جو شروعات ڪئي وڃي.
ان کانسواءِ ٽرمپ جي خط ۾ ايران کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن هن جوهري پروگرام جاري رکيو ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
ميڊيا رپورٽن موجب، صدر ٽرمپ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ايران جي قيادت کي اھو خط اماڻيو هو، جڏهن ته وائٽ هائوس ان جي مواد بابت اسرائيل، گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب کي به آگاهه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.