نصرالله گڏاڻي ڪيس: وارثن کي ٽرائل ڪورٽ وڃڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ درخواستگذار کي ٽرائل ڪورٽ ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوٽ ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ايف آءِآر مان خارج ۽ صحافي جي ماءُ پٺاڻي کي تحفظ ڏيڻ واري درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ جوابدار ايم اين اي خالنڊ سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ جوابدار برڪت لنڊ پيش نه ٿيا، عدالت ۾ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي پيش ٿيو، عدالت ۾ شهيد بينظير آباد جو جاچ آفيسر انسپيڪٽر محمد اقبال پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدارن جو وڪيل عامر منصوب پيش ٿيو، عدالت درخواستگذار کي ٽرائل ڪورٽ کان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي هدايت ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ شاهدن جي بيانن جي روشني ۾ جوابدارن کي شامل ڪري، عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين  پنهور چيو ته اسان جوابدارن کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ لاءِ  بار بار چيو پر پوليس ڪيس ۾ جوابدارن جو نالو شامل نه ڪيو،عدالت چيو جڏهن جوابدار بااثر آهن ته  اوهان ڊي آئي جي سکر کي درخواست ڏني،وڪيل چيو ته ڪيس اخبارن ۾ شايع ٿيو، عدالت چيو ته جوابدارن جا نالا اخبارن ۾ به نه آهن، عدالت چيو ته اوهان جي ايف آءِ آر ۽  164 جي بيانن ۾ فرق  آهي، عدالت چيو ته اوهين هن لاءِ ڊي آءِ  جي يا ڪنهن ٻئي کي درخواست ڏيو ها، وڪيل چيو ته جوابدار بااثر آهن جوابدار ايم اين اي آهي پوليس سندن خلاف بيان نه ٿي وٺي، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته جوابدار خالد لنڊ ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جو نالو ڪالم نمبر 2 مان خارج ڪرڻ خلاف ٻيهر  ٽرائل ڪورٽ کي اماڻي ڇڏيو آهي، عدالت درخواستگذار کي چيو ته اوهان ٽرائل ڪورٽ کي درخواست ڏيو، جيڪڏهن ٽرائل ڪورٽ سمجي ته ميرٽ جي بنياد تي جوابدار خالد لنڊ ، شهباز لنڊ ۽  نور محمد جو نالو شامل ڪري.

  1. خالد لنڊ جو نالو کڻڻ تي ڌمڪيون پيون ملن:يعقوب گڏاڻي

ڪراچي(رپورٽر)شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو آهي ته نئون آيل ڊي ايس پي ڌمڪيون پيو ڏئي ته ايف آءِ آر ۾ خالد لنڊ جو نالو نه ڏيو،توهان ايئن ڪندا ته توهان مٿان به ايف آءِ آر ٿيندي،توهان جا ٻار اغوا ٿيندا،مون کيس چيو ته توهان جهڙو آفيسر آهي ته پوءِ اسان کي انصاف هونئن ئي ناهي ملڻو،هن چيو ته جوابدار بااثر آهن پوليس بيان نٿي وٺي،اصل جوابدار ته خالد لنڊ،نور محمد ۽ شهباز لنڊ آهن،ٻيا ته رڳو مهرا آهن،پوري سنڌ سان پ پ ظلم ڪري رهي آهي ان جا وڏيرا جتي به هجن ظلم پيا ڪن،اسان غريب آهيون،اسان جي ايف آءِ آر به نه ورتي وئي،هن چيو ته اسان جي 164 جي بيان ۾ به وڏو وقت ورتو ويو،اسان کي عدالت مان اميد آهي جاچ آفيسر چيو ته خالد لنڊ ۽ ٻين خلاف ثبوت نه مليا آهن ان ڪري اسان انهن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.