حيدرآباد (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت سنڌ جي سڏ تي آبادگارن جي وڏي انگ سنڌو درياھه تي چولستان ڪئنال سميت ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي والار خلاف حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاهه جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان نڪتل ريلي ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي سمورن ضلعن مان وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي، ريلي کي ايوان جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاهه، سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد علي ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھه سنڌ جي صدين جي تاريخ، تھذيب، تمدن، ثقافت، ٻولي ۽ 5 ڪروڙ ماڻهن جياپو آھي، سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ جو مقصد سنڌ کي بنجر بنائڻ آھي، ڪوٽڙي بئراج تي ھن وقت ملڪي ۽ سنڌ جي تاريخ جي بدترين 95 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي چڪي آھي، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ چئن ڪئنالن ڪي بي فيڊر، اڪرم واھ، اولڊ ڦليلي ۽ نيو ڦليلي گوني ۾ پاڻي پوک ته پري جي ڳالھه پر پيئڻ لاءِ پاڻي به اڻلڀ ٿي رھيو آھي، ڪوٽڙي بئراج جي پوک لائق زمين سرڪاري انگن اکرن مطابق 26 لک ايڪڙن جي ڪمانڊ ايريا آھي، ھن وقت خريف جي مند جا 3 وڏا فصل وونئڻ، ساريون ۽ ساوا مرچ پوکجن ٿين ھا، پر پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري ڏکڻ سنڌ ۾ اهي ٽئي آڳاٽا فصل پوکجي نه سگھيا آھن، پاڻي جي کوٽ جي ڪري انھن مک فصلن جي پوکي سخت متاثر ٿي رھي آھي. اھڙي صورتحال ۾ ڪوٽڙي بئراج جي مجموعي طور تي 26 لک ايڪڙ ڪمانڊ ايريا مان 16 کان 17 لک ايڪڙن تي فصلن جي پوک متاثر ٿيڻ جو چٽو امڪان آھي، هن چيو ته ايڏي وڏي ڪمانڊ ايريا متاثر ٿيڻ سان سنڌ سميت ملڪ جي زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، ھن چيو ته ڪوٽڙي بئراج نه رڳو زرعي ڪمانڊ ايريا کي پاڻي دستياب ڪري ٿو پر اھو بئراج ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي سمورن ضلعن جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي پڻ فراھم ڪري ٿو، آبادگارن چيو ته سنڌو درياھه تي چولستان ڪئنال سميت ڪوبه ڪئنال ڪنهن نالي يا صورت ۾ قبول ناھي، وفاقي سرڪار ھوڏ تان نه لٿي ۽ زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سخت مزاحمت ڪندا، ريلي کي آبادگارن مير عبدالڪريم ٽالپر، حاجي نثار احمد ميمڻ، اصغر خان نوناري، شاهنواز خان جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.17