رياض (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتو، جتي مڪي جي نائب گورنر شهزادي سعود سندن آجيان ڪئي.
ان کانپوءِ جدي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز به موجود ھئي.
ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته پاڪ-سعودي واپار ۽ سيڙپڪاري وار معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ سعودي عزم کي ساراهيو.
ان سان گڏوگڏ دفاعي ۽ سلامتي جي ميدان ۾ به سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجايو ويو.
شهباز شريف ۽ محمد بن سلمان وچ ۾ علائقائي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ خطي جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ولي عهد محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي نمايان خدمتن کي ساراهيندي، سندن ڀلائي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ تي به اتفاق ڪيو.
ملاقات دوران عوامي رابطن، ثقافتي ڏي وٺ ۽ تعليمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به ويچاريو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواري کي نئين اوچائين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو عزم پڻ ورجايو ويو.
ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سعودي ولي عهد سان رياض ۾ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي وارن شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي غور ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب طرفان پاڪستان سان لاڳيتو سهڪار تي هو ولي عهد جو ٿورائتو آهي، جڏهن ته سعودي عرب جو وچ اوڀر ۽ يوڪرين ۾ امن لاءِ ڪردار به ساراهه جوڳو آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران عمري جي سعادت حاصل ڪندو ۽ پاڻ سڳورن صه جي روضي مبارڪ تي حاضري به ڀريندو.
You might also like