ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جي موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. هن وقت سامونڊي هوائون 6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي رهيون آهن، جڏهن ته هوا ۾ گهم جو تناسب 68 سيڪڙو آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 21 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جمعي کان ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ امڪان آهي، جتي پارو 37 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
جمعي کان شهر جو موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، ڏينهن جو اتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون گُهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شام جو سامونڊي هوائون ٻيهر بحال ٿي سگهن ٿيون.
موسميات کاتي موجب، 25 مارچ کان گرمي ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته عيد جي ڏينهن دوران گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.