دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ ۾ بيٽر طور آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
رينڪنگ موجب، پاڪستاني بيٽر بابر اعظم هڪ درجو وڃائڻ بعد اٺين نمبر تي هليو ويو آهي، جڏهن ته محمد رضوان نائين نمبر تي موجود آهي.
رپورٽن موجب، نيوزيلينڊ جو ٽِم سيفرٽ 20 درجا ترقي ڪندي 13هين نمبر تي پهتو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ئي فن ايلن 8 درجا ترقي ماڻيندي 18هين پوزيشن حاصل ڪئي.
بالرن جي رينڪنگ ۾ ويسٽ انڊيز جي عاقيل حسين جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ڪو به بالر ٽاپ ويهه بالرن ۾ شامل ناهي.
آءِ سي سي رينڪنگ موجب، پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف 4 درجا ترقي ڪندي 26هين نمبر تي پهتو، جڏهن ته شاهين آفريدي 6 درجا تنزلي کانپوءِ 30هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ ۾ ڀارت جو هاردِڪ پانڊيا پهرين نمبر تي موجود آهي.
You might also like