عامر نه ئي شاهين، ڪوهليءَ کي ڪهڙي بالر پريشان ڪيو؟ نالو ٻڌائي ڇڏيائين

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ سڀ کان مشڪل ترين بالر جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) فرنچائز رائل چيلينجرز بئنگلورو جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ويرات ڪوهلي کان پڇيو ويو ته کيس ڪهڙي بالر خلاف کيڏڻ سڀ کان ڏکيو لڳندو آهي؟
ڪوهلي جو چوڻ هو ته جيڪو بالر سڀ گهڻو ڏکيو لڳو اهو جسپريت بمرا آهي.
هن چيو ته بمرا دنيا جي بهترين بالن منجهان هڪ آهي ۽ هو آءِ پي ايل دوران مون کي ڪيترائي ڀيرا آئوٽ ڪري چڪو آهي.
ڪوهلي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بمرا کي نيٽ پريڪٽس دوران کيڏڻ به سولو نه آهي، ائين لڳندو آهي ڄڻ ميچ هلي رهي هجي، سندس هر بال کيڏڻ هڪ چئلينج هوندو آهي.
واضح رهي ته جسپريت بمرا آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هن پنهنجي پهرين ئي آءِ پي ايل ميچ ۾ ويرات ڪوهلي کي آئوٽ ڪري پنهنجي پهرين وڪيٽ حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.