بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي ليجنڊ فٽبالر ليونل ميسي انجري سبب ورلڊڪپ ڪواليفائرز جي ٻن اهم ميچن مان ٻاهر ٿي ويو.
انٽر ميامي جي فارورڊ ميسي اٽلانٽا يونائيٽيڊ خلاف ميچ دوران زخمي ٿي پيو هو.
انٽر ميامي انتظاميا تصديق ڪندي ٻڌايو ته ميسي کي معمولي انجري آهي، پر هو ورلڊڪپ 2026 ڪواليفائرز ۾ 21 مارچ تي يوروگواءِ ۽ 25 مارچ تي برازيل خلاف ميچ نه کيڏي سگهندو.
ياد رهي ته ارجنٽينا ڏکڻ آمريڪا جي 10 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊڪپ ڪواليفائنگ گروپ ۾ سرفهرست آهي، ارجنٽينا جمعي تي يوروگواءِ خلاف ميدان ۾ لهندي جڏهن ته 25 مارچ تي برازيل سان مقابلو ڪندو.
ٻئي پاسي برازيل جو اسٽار فٽبالر نيمار به انجري سبب ٽيم کان ٻاهر آهي.
You might also like