لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عامر جمال اڳوڻي آسٽريلوي اسپنر بريڊ هوگ کي محمد رضوان جي انگريزيءَ تي ٺٺول ڪرڻ تي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ عامر جمال لکيو ته هڪ عالمي ڪرڪيٽر کي محمد رضوان جي انگريزيءَ تي ٺٺول ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته انگريزي محمد رضوان جي مادري ٻولي نه آهي.
عامر جمال بريڊ هوگ کي مشورو ڏيندي چيو ته توهان ڪرڪيٽ بدران سوشل ميڊيا تي مسخري ڪريو، توهان جي فالوورز جو انگ به وڌي ويندو.
Next Post
You might also like