15 بنگلاديشي ڪرڪيٽر ملائيشيا ۾ گرفتار، سبب سامهون اچي ويو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي 15 ڪرڪيٽرن کي ملائيشيا ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بنگلاديش جي 15 ڪرڪيٽرن تي ٻڌل هڪ گروپ ملائيشيا ۾ ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو، پر ملائيشيا جي بارڊر سيڪيورٽي فورس کين ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ملائيشيا جي بارڊر ڪنٽرول اينڊ پروٽيڪشن ايجنسي اھا ڪارروائي کي مڪمل ڪئي.
رپورٽن موجب، 17 مارچ تي ڪرڪيٽرن کي ڪوالالمپور انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويوھو .
مقامي اختيارين موجب بنگلاديشي ڪرڪيٽر پيناگ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي هڪ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ آيا ھئا پر جاچ کان پوءِ خبر پئي ته اهڙي ڪنهن به ٽورنامينٽ جو وجود ئي ناهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گرفتار ٿيل گروپ جي دعويٰ هئي ته 21 کان 23 مارچ تائين ٽورنامينٽ شيڊيول آهي، پر جاچ دوران ان دعويٰ جي تصديق نه ٿي. ان حوالي سان وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.