حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري (ٽولي ووڊ) سان واڳيل ڪيئمرامين محمد نواز زال جي تشدد کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، محمد نواز ۽ سندس گهرواري سوئيتا ريڊي ٿادا 2020ع ۾ شادي ڪئي هئي پر نواز شادي کان پوءِ زال جي رويي سبب پريشان هو.
نواز جي ماءُ پوليس کي شڪايت ڪندي ٻڌايو ته هن حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ۾ آپگهات ڪيو، جنهن جي ذميوار سندس زال آهي.
والده موجب، سوئيتا کيس جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻائيندي هئي ۽ پٽ کي ڪيترائي ڏينهن بکيو رکندي هئي.
هن جو چوڻ هو ته سوئيتا مرحوم نواز کان خانداني ملڪيت ۾ حصي ۽ وڏي رقم جي گهر ڪندي هئي.
پوليس کي ڏنل بيان ۾ نواز جي ماءُ ٻڌايو ته آپگهات کان اڳ پٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن دوران هن چيو هو ته هو هاڻ اهڙي زندگي نٿو گذاري سگهي، سندس زال کيس ماري ڇڏيندي، ان کانپوءِ هن سومر تي پاڻ ماري ڇڏيو.