” ڇا نواز شريف دهشتگردن جو حمايتي آهي“ پي ٽي آءِ سوال اٿاري ڇڏيا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌُ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف قومي سلامتيءَ جي پارلياماني ڪميٽي ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي غيرحاضري تي سوال اٿاري ڇڏيا.
بئريسٽر محمد علي سيف پنهنجي بيان ۾ چيو ته قومي سلامتي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سڏائيندڙ ٻڌائين ته نواز شريف ڇو نه آيو؟ ڇا نواز شريف جي غير موجودگي دهشتگردن جي حمايت سمجهي وڃي؟
هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ دهشتگرديءَ خلاف قوم جي اتحاد ۽ احساسن جي حقيقي ترجمان آهي پر حڪومت پي ٽي آءِ اڳواڻن کي جيل موڪلي قومي اتفاق راءِ کي پاڻ ئي ناڪام بڻايو.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگرديءَ خلاف قربانيون ڏيندڙن سان گڏ بيٺل آهي پر حڪمرانن جا جذباتي بيان ۽ لفظن جي تڪرار دهشتگردي جو ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهن .
بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته ڪنهن به نئين آپريشن کان اڳ قومي اتحاد جي طاقت هجڻ پهريون شرط آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي سلامتيءَ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ عسڪري عملدارن ملڪ جي سلامتي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت سياسي جماعتن کي آگاهه ڪيو.
پاڪستان تحريڪ انصاف پهرين قومي سلامتي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي ها ڪئي، پر پوءِ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو شرط رکيو ۽ آخر ۾ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عمران خان جي پيرول تي آزادي جو مطالبو ڪيو ھو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.