ڪاز لسٽ رد، ائين ڪرڻ بدران منهنجي عدالت کي بارود سان اُڏائي ڇڏيو ها:جسٽس اعجاز اسحاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز اسحاق خان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي عدالت جي ڪاز لسٽ رد ڪرڻي هئي ته ان کان بهتر هو ته عدالت جون بنيادون بارود سان اڏائي ڇڏيو ھا.
عدالتي حڪم جي باوجود پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهينِ عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ رد ڪرڻ بابت عدالت ڊپٽي رجسٽرار جڊيشل سلطان محمود کي طلب ڪيو، جيڪو عدالت ۾ پيش ٿيو.
جسٽس اعجاز اسحاق خان اسٽيٽ ڪائونسل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪاز لسٽ منسوخ ڪرڻ جو فيصلو توهان ڪيو؟ ۽ ڪنهن جي چوڻ تي اهو قدم کنيو ويو؟
جنهن تي ڊپٽي رجسٽرار جڊيشل عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي چيف جسٽس آفيس کان هدايتون مليون هيون.
چيف جسٽس آفيس چيو ته ڪيس تي لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي، تنهن ڪري ڪاز لسٽ رد ڪئي وڃي.
جسٽس اعجاز اسحاق خان سوال ڪيو ته ڪيس منتقلي لاءِ متفرق درخواست ڪهڙي قانون تحت داخل ڪئي وئي؟ ڇا رياست ڪنهن جج جي اجازت کانسواءِ ڪيس لارجر بئنچ ڏانهن منتقل ڪري سگهي ٿي؟
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هي معاملو ڪنهن جج جي ذاتي اختيارن جو نه پر هاءِ ڪورٽ جي وقار جو آهي، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪو ڪرپٽ چيف جسٽس اچي ته ڇا هو به اهڙي ريت ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ان سان ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازيءَ جا دروازا نه کلي ويندا؟
درخواستگذار مشال يوسفزئي عدالت ۾ بيان ڏنو ته جيڪڏهن اسان سان عدالت ٻاهران اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان جيل ۾ ڇا ٿيندو هوندو؟
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ته هاڻي پنهنجي اداري جي وقار لاءِ پريشان آهيون، توهان هڪ معاملي کي انا جو مسئلو بڻائي عدالت جو وقار خطري ۾ وجهي رهيا آهيو.
جسٽس اعجاز اسحاق خان جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي رولز ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته چيف جسٽس ڪنهن جج جي اجازت کانسواءِ ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿو، توهان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيو، اهو هاءِ ڪورٽ جي ساک کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.
عدالت ڊپٽي رجسٽرار جڊيشل کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کان به وضاحت طلب ڪندي سوال ڪيو ته ڇا چيف جسٽس وٽ اختيار آهي ته هو ڪنهن جج جي مرضي کانسواءِ سندس سامهون هلندڙ ڪيس منتقل ڪري سگهي؟
عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن رياست اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هنن کي انا جي جنگ ئي وڙهڻي آهي ته پوءِ منهنجي هتي ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟
ان کانپوءِ عدالت ڪاز لسٽ منسوخ ڪري ڪيس منتقل ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي جي شروعات جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌڻي کي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.