بلوچستان جي يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل معطل، آن لائين ڪلاس ورتا ويندا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب شاگردن کي يونيورسٽين ۾ اچڻ کان روڪيو ويو.
انتظاميا موجب، ڪوئيٽا جي يونيورسٽين ۾ تدريس جو عمل سيڪيورٽي خدشن سبب اڻڄاتل مدي تائين آن لائين ڪيو ويو آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته بلوچستان يونيورسٽي، وومين يونيورسٽي ۽ آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ تدريس جو عمل معطل آهي ۽ هاڻي ڪلاس آن لائين ورتا پيا وڃن.
انتظاميا موجب، تربت يونيورسٽي کي ڪجهه شاگردن خلاف ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي تي جاري احتجاج سبب بند ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.