ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برطانوي ايئر سيفٽي ڪميٽي جو اجلاس 20 مارچ تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستاني ايئرلائنز تي 5 سالن کان لاڳو پابندي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.
برطانيا ۾ قومي ايئرلائن سميت ٻين پاڪستاني ايئرلائنز تي لڳايل پابندي بابت برطانوي ايئر سيفٽي ڪميٽي جو اهم اجلاس 20 مارچ تي ٿيندو.
سول ايوي ايشن اختيارين موجب، برطانوي ايئر سيفٽي ڪميٽي سڀني پاڪستاني ايئرلائنز جي مامري تي غور ڪندي.
سي اي اي جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته برطانوي ايئر سيفٽي ڪميٽي پاڪستاني ايئرلائنز جي پروازن تي لاڳو پابندي هٽائي ڇڏيندي ۽ برطانيا ۾ به پاڪستاني ايئرلائنز جي بحاليءَ جي منظوري ڏني ويندي.
ياد رهي ته سول ايوي ايشن اختيارين موجب، جولاءِ 2020 ۾ جعلي لائسنس واري اسڪينڊل سبب برطانيا ۽ يورپ پاڪستاني ايئرلائنز جي اڏامن تي پابندي لڳائي هئي.
You might also like