پاڪستان لاءِ ڏهه ڪروڙ ويهه لک ڊالرز جي منظوري، رقم ڪٿي خرچ ٿيندي؟ تفصيل پڌرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 10 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ منظور ڪيل رقم موسمياتي تبديليءَ سبب متاثر ٿيل غريب هارين لاءِ هوندي، جنهن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ننڍا قرض ڏنا ويندا.
عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ان رقم جو مقصد موسمياتي تبديليءَ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي آمدني ۾ واڌارو ڪرڻ آهي ۽ اها رقم عالمي بئنڪ جي 10 سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام جو حصو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيءُ منصوبو ننڍن ڪاروبارن ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ مالي شموليت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته مائڪرو فنانس غريب طبقن جي مالي سهائتا لاءِ اهم ذريعو آهي، منصوبي مان 10 لک عورتن سميت 18 لک 90 هزار ماڻهو لاڀ حاصل ڪندا.
ڪانٽري ڊائريڪٽر موجب، پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي 54 منصوبا جاري آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ عالمي بئنڪ جي ڪل سيڙپڪاري 15.7 ارب ڊالر تائين پهچي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.