ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاڪستان ۾ شوال جي چنڊ جي نظر اچڻ ۽ عيدالفطر جي تاريخ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، پاڪستان ۾ عيدالفطر 31 مارچ 2025ع، سومر ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شوال جو چنڊ 29 مارچ تي 3 لڳي 58 منٽن تي پيدا ٿيندو، جڏهن ته 30 مارچ تي سج لهڻ مهل ان جي عمر اٽڪل 27 ڪلاڪ هوندي.
موسميات کاتي موجب، ان ڏينهن چنڊ 70 منٽن تائين آسمان تي نظر ايندو، جيڪو سولائيءَ سان ڏسي سگهبو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 16 کان 18 ڪلاڪن جي عمر وارو چنڊ دوربين ذريعي ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو، تنهن ڪري 30 مارچ تي چنڊ جو عام اکين سان نظر اچڻ جو به امڪان آهي.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي 31 مارچ کان 2 اپريل تائين ٽي ڏينهن عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته صوبن طرفان عيد جي موڪلن بابت ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو.
You might also like