اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي سزا معطلي لاءِ درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان بئريسٽر سلمان صفدر طرفان درخواستون داخل ڪيون ويون.
درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب بدقسمتيءَ سان پنهنجا اختيار غلط استعمال ڪيا ۽ اڻپوري جاچ جي بنياد تي جلدي ۾ سزا ٻڌائي وئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ڪرائيم ايجنسي (اين سي اي) سان ٿيل معاهدي جو متن حاصل نه ڪرڻ، جاچ ايجنسي جي گهٽ دلچسپي ظاهر ڪري ٿو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ اين سي اي جي عملدارن کي جاچ ۾ شامل نه ڪيو ويو، فريادي ڌر مڪمل شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 17 جنوري تي ٻڌايل سزا معطل ڪئي وڃي ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.
درخواست ۾ اھو به چيو ويو آھي اپيل جي حتمي فيصلي تائين سزا معطل ڪئي وڃي ۽ خاطري ڪرايون ٿا ته سزا معطلي کانپوءِ به اپيل جي هر ٻڌڻي تي پيش ٿينداسين.
Next Post
You might also like