اڳوڻي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت ڳجها دستاويز جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي اڳوڻي صدر جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت سمورا ڳجها دستاويز جاري ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي نيشنل آرڪائيوز صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي 1963ع ۾ قتل ٿيل صدر جان ايف ڪينيڊي سان لاڳاپيل ڳجها دستاويز جاري ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، دستاويزن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فائيلون ۽ 31 هزار کان وڌيڪ صفحا شامل آهن، جيڪي نيشنل آرڪائيوز اينڊ ريڪارڊز ايڊمنسٽريشن جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيا ويا آهن.
دستاويز بابت فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنوري ۾جاري ڪيل ايگزيڪٽيو آرڊر جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي.
يونيورسٽي آف ورجينيا جي سينٽر فار پوليٽڪس ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته سندن ٽيم دستاويزن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي مڪمل اهميت کي سمجهڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.
هن جو چوڻ هو ته جن ماڻهو جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت وڏن انڪشافن اميد هئي ، شايد انهن مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پوي.
ٻئي پاسي ماهرن جو شڪ آهي ته ڄاڻايل دستاويز جان ايف ڪينيڊي جي قتل جي حقيقتن کي تبديل ڪري سگهن ٿا.
واضح رهي ته صدر جان ايف ڪينيڊي کي 22 نومبر 1963 تي آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊلاس ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.