مهتاب ڏهر سياسي پلاند وٺڻ لاءِ قتل ڪيس داخل ڪرايو آهي: شهريار شر

ڏھرڪي/ گهوٽڪي / اوٻاوڙو (نمائندا) پ پ ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر مٿان قاتلاڻي حملي جو ڪيس اڳوڻي ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي ۾ شامل سردار شھريار شر، سندس پٽ جھانگير شر ۽ ڪجھه وقت اڳ راونتي جي ڪچي ۾ شھريار جي قافلي مٿاڻ حملي ۾ مارجي ويل علي محمد شر جي وارثن نواز شر، ممتاز شر، بجر شر ۽ عنايت شر سميت ستن جوابدارن خلاف داخل ٿيڻ بعد جوابدار گرفتاري جي خوف کان علائقو خالي ڪري ويا آھن، ان ڪري پوليس چڙھائين باوجود ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد پوليس شر برادري جي بااثرن مٿان جوابدارن کي پوليس اڳيان پيش ڪرائڻ لاءِ زور وڌائي ڇڏيو آھي، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته جوابدار ڪچي واري علائقي ۾ ڪنھن نامعلوم ھنڌ فرار ٿي ويا آھن، ٻي پاسي ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ تيزي اچي وئي آھي، ان ڏس ۾ مير شھريار شر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مھتاب ڏھر مٿان قاتلاڻو شڪي بڻيل آھي، ھن ميڊيا کي بيان ڏنو ته سندس قافلي جي ٻنھي پاسن ھٿياربندن فائرنگ ڪئي جڏھن ته واقعي کان 50 ڪلوميٽر پري ويٺل مون ۽ منھنجي پٽ تي سڌيون گوليون ھلائڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، اھڙي ڪيس ۾ ڪل ست جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن، مھتاب ڏھر چوي ٿو کيس فون تي حملي جو اڳواٽ اطلاع مليو ھو، جيڪڏھن ڏھر سچ پيو ڳالھائي ته ھن کي ايس پي گھوٽڪي کان مدد وٺڻ گھرجي ھا، خطرو ھئڻ باوجود رستي تي نڪري پيو ۽ پنھنجي گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي ظفر ڏھر کي ويھاري پاڻ گاڏي بدلائي ڇڏي، واقعو ھڪ طرف ڊرامو لڳي ٿو جنھن جو مقصد مون کي سياست مان آئوٽ ڪرڻ آھي، ته ٻئي طرف مون کي انھن عنصرن جي چال لڳي ٿو جن مون مٿان قاتلاڻو حملو ڪرايو ھو، اھڙا ڳجھا ھٿ علائقي جو امن برباد ڪرڻ چاھين ٿا، مير شھريار وڌيڪ چيو ته ھڪ ڏينھن اسان تي پنجاب جي حد ۾ قتل ڪيس داخل ٿئي ٿو، ٻئي ڏينھن کينجھو پوليس اسان خلاف ساڳي نوعيت جو ڪيس داخل پئي ڪري، جيڪا اسان خلاف وڏي سازش آھي، ھن وڌيڪ چيو مان ڪوڙن ڪيسن کي منھن ڏيندس ۽ ضرور سرخرو ٿيندس، شهريار شر چيو ته قتل ٿي ويل ظفر ڏهر هڪ مسڪين ماڻهو هو مان ان جي قتل جي مذمت ڪريان ٿو ۽ ان جي وارثن کي چوان ٿو ته ان جي قتل جا پيرا صحيح  نموني کنيا وڃن، ڄام مهتاب ڏهر پنهنجو سياسي پلاند ڪرڻ لاءِ مون ۽ منهجي پٽ کي  قتل ڪيس ۾ نامزد ڪرايو آھي، هن کي جيڪا پرچي ملي ٿو ان تي سئو دفعا شهريار لکيل آھي پوءِ اها پرچي پڙهندو رهي ٿو، باقي جيڪو گُرو آھي اهو پاڻ سمجهي ٿو مان ڪنهن جو نالو نه کڻندس، باقي اسان اڄ به امن چاهيون ٿا مان اڄ به ٺاهه لاءِ راضي آھيان، ڄام مهتاب ڏهر  شر ڏهر تڪرار ڪرڻ چاهي ٿو پر ڏهر منهنجا ڀائر آھن، پ پ قيادت ضرور هن مسئلي جو نوٽيس وٺندي مان پ پ جو ڪارڪن ۽ جيالو آهيان، ڄام مهتاب پ پ جو حصو ناهي، ڄام مهتاب ڪنهن ٻئي جي اشارن تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آھي، ھن سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کان مامري جي منصفاڻي جاچ جي گھر ڪئي آھي، ھوڏانھن حملي وقت مھتاب ڏھر سان گڏ گاڏي ۾ ويٺل ڀٽو برادري جو چڱي مڙس شر-ڀٽو تڪرار ۾ شدت اچڻ جي امڪان بعد پنھنجي برادري جي ماڻھن جو وڏو ڪٺ ٻھلي ۾ ڀٽو ھائوس تي گھرائي ورتو، جنھن ۾ برادري کي پر امن رھڻ جو پابند بڻائڻ جو پابند بڻايو ويو آھي، ان ڏس ۾ محمد يوسف ڀٽو جو چوڻ آھي ته ڄام مھتاب ڏھر مٿان حملو اسان سڀني اتحادين مٿان حملو آھي، في الحال قانوني جنگ ڪئي ويندي پر جي ٻيھر مخالف اڳرائي ڪئي ته کين منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.