ڪراچي اوڀر (رپورٽ: آزاد نوناري) سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد سپر هاءِ وي ڀرسان جمالي ڳوٺ ۾ جوابدارن 9 سالن جو معصوم نينگر عثمان کي بدفعلي بعد گھٽا ڏئي بيدري سان قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار لاش گھر ٻاھريان گند جي ڍير تي اڇلائي فرار ٿي ويا، نينگر جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نينگر جي والد سلمان صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو تـ منھنجو پٽ عثمان رات جي وقت گھر کان ٻاھر نڪري ويو ته واپس نه آيو، ڳولا بعد سندس لاش گھر ٻاھريان گند جي ڍير تي پيل مليو، ڊاڪٽرن ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته نينگر کي زيادتي ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آھي، ھن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته معصوم پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سھيل خاصخيلي ٻڌايو ته معصوم نينگر عثمان کي عورت جي رئي سان گھٽو ڏئي قتل ڪيو ويو آھي، زيادتي جي اڃان تائين تصديق نـ ٿي آھي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي ان جو پتو پوندو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.