اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد جي جج طاهر عباس سپرا هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن وقت سڀ کاتا ٻين طاقتن جي هٿن ۾ آهن. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ ايم پي اي علي شاهه جي درخواست ضمانت تي ٻڌڻي ڪري رهيوهو.، جنهن دوران ڪيس پراسيڪيوٽر ۽ لاڳاپيل اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ٻڌڻي دوران جج طاهر عباس سپرا سوال ڪيو: ” پوليس رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ۽ ڇا اهڙو ئي ٿيڻ آهي؟” ان تي پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر منڊي بهاوالدین ۾ آهي ۽ واپس ناهي آيو، عدالت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي، عدالت وٽ وڏي طاقت آهي پر پوء به پوليس رڪارڊ پيش نٿي ڪري رهي. جج طاهر سپرا چيو: "مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ناهي آيو ته پراسڪيوشن جي ذميواري ڇا آهي؟ مقدمي جو چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ توهان جو ڪم آهي.” پراسيڪيوٽر جواب ڏنو: "جيستائين چالان اسان وٽ ناهي ايندو، اسان جي ذميواري ناهي.” جج اي ٽي سي سوال ڪيو: "جيڪڏهن جاچ آفيسر عدالت نٿو اچي، ته اها ذميواري ڪنهن تي آهي؟ اسلام آباد جا پراسيڪيوٽر ضديرا آهن، اهي سمجهندا آهن ته اهي ججن جي برابر آهن، جيڪڏهن مان پوليس کي نوٽيس ڪري سگهان ٿو ته ڇا توهان کي نوٽيس نٿو ڪري سگهان؟”جج طاهر عباس چيو: "اسان سڀ هڪ غير معمولي صورتحال مان گذري رهيا آهيون، هن وقت سڀ کاتا ٻين طاقتن جي هٿن ۾ آهن، سڀاڻي صبح تائين ڏسندا آهيون ته رڪارڊ اچي ٿو يا نه.”