عيد تي نوان نوٽ کپن؟ هن طريقي سان حاصل ڪيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عيدالفطر جي موقعي تي نون ڪرنسي نوٽن بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڪمرشل بئنڪون عوام کي نوان نوٽ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکنديون.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته بئنڪون ملڪ ۾ پنهنجن وسيع برانچ نيٽ ورڪ ذريعي عوام لاءِ نون نوٽن جي فراهمي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، رمضان جي ڀلاري مهيني دوران هيل تائين ڪمرشل بئنڪن جي 17 هزار برانچن کي سڀني ماليتن جا 27 ارب رپين جا نوان نوٽ فراهم ڪيا ويا آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مذهبي تهوار جي موقعي تي بينڪن جو اي ٽي ايم نيٽ ورڪ عوام کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي معياري ۽ صاف سٿرا نوٽ فراهم ڪندو، جنهن لاءِ ڪيش مانيٽرنگ ٽيمون پڻ مقرر ڪيون ويون آهن.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي ڪمرشل بئنڪون عوام کي نوان نوٽ فراهم ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.