لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ زيادتي يا شادي جي بنا پيدا ٿيندڙ ٻارن جي سار سنڀال ڪرڻ بائيولاجيڪل پيءُ جي ذميواري قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد نديم ارشد، محمد افضل جي درخواست جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ٽرائل ڪورٽ کي شاهدين جي روشني ۾ ٻيهر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت سڀني ڌرين کي ٽرائل ڪورٽ جي روبرو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي قرار ڏنو ته جيڪڏهن ٻارڙي جو بائيولاجيڪل پيءُ ثابت ٿي وڃي ته اهو خرچن جو پابند آهي، جيڪو ٻارڙي جي پيدا ٿيڻ جو ذميوار آهي، خرچن جو ذميوار به اهو ئي آهي.
عدالتي فيصلي موجب بائيولاجيڪل پيءَ جي اخلاقي ذميواري به آهي ته هو پنهنجي ناجائز ٻار جي ذميواري کڻي.
لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊ موجب درخواستگذار 2020 ۾ عورت مريم سان مبينا طور زيادتي ڪئي هئي، درخواستگذار خلاف زيادتي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، مبينا زيادتي جي نتيجي ۾ عورت ڌيءُ کي جنم ڏنو، جنهن کانپوءِ هن ٻارڙي جي خرچن لاءِ بائيولاجيڪل پيءُ خلاف دعويٰ داخل ڪئي.
درخواستگذار ٽرائل ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته ٻارڙي ان جي ناهي، دعويٰ رد ڪئي وڃي پر ٽرائل ڪورٽ عورت جي دعويٰ تسليم ڪندي ٻارڙي جو 3 هزار رپيا خرچ مقرر ڪيو، جنهن تي درخواستگذار لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو.
Prev Post
You might also like