لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ڪئنالن جي مسئلي تي هن وقت سنڌ ۾ ايم آر ڊي کان به وڏي تحريڪ هلي رهي آهي، جيسيتائين تڪراري رٿا رد نٿي ڪئي وڃي، تحريڪ جاري رهندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن سگا لاهور جي صدر عبدالستار ميمڻ جي رهائشگاهه تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
تقريب ۾ لاهور ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي، سگا لاهور جي صدر عبدالستار ميمڻ، نائب صدر ڊاڪٽر نُور محمد شجراه، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر رضوان ڀيو قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پڻ پيش ڪيو.
اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران رٿيل تڪراري ڪينال سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندا، اسان اهڙي رٿا ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين.
هن چيو ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُرڇ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، ڪئنالن جي مسئلي تي هن وقت سنڌ ۾ ايم آر ڊي کان به وڏي تحريڪ هلي رهي آهي، جيسيتائين تڪراري رٿا رد نٿي ڪئي وڃي تحريڪ جاري رهندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 42 سيڪڙو آهي، هڪ صوبي کي برباد ڪري، ٻئي کي سرسبز ڪٿان جي دانشمندي آهي؟
دوري دوران اياز لطيف پليجو سان لاهور جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن به ملاقاتون ڪيون، کين مخاطب ٿيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته لاهور ۾ سنڌين جو ايڏو وڏو انگ ڏسي نهايت خوشي ٿي، هي شاگرد نئين سنڌ جا معمار آهن.
هن شاگردن جي ڀرپور همت افزائي ڪئي ۽ کين تاڪيد ڪيو ته تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ڌرتي ۽ ديس واسين جي ترقي، خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.