اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪي سلامتي بابت اجلاس ۾ شرڪت واري معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ٻڏتر جو شڪار آهي.
پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي.
ٻئي پاس يپارٽي جي صوبائي صدر جنيد اڪبر چيوآهي ته پي ٽي آءِ کي قومي سلامتي ڪميٽي بابت ڪنهن به قسم جي آگاهي ناهي ڏني وئي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مشاورت ۽ سندس فيصلي کانسواءِ ڪنهن به ڪميٽي جي ڪا اهميت ناهي.
جنيد اڪبر موجب، پارٽي ڪنهن به ڪميٽي يا معاملي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني سان مشاورت کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪندي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ به باني سان صلاح مشورو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاران قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو ان-ڪيمرا اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عسڪري قيادت موجوده ملڪي سلامتي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي.