چنائي (ويب ڊيسڪ) آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ ڀارتي موسيقار اي آر رحمان جي زال سائره بانو کيس اي آر رحمان جي اڳوڻي گهرواري نه ڪوٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته گذريل سال نومبر ۾ سائره بانو 29 سالن جي شاديءَ کانپوءِ مڙس کان عليحدگي جو اعلان ڪيو هو.
سائره بانو جي وڪيل وندنا شاهه طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته ڪيترن ئي سال گڏ رهڻ کانپوءِ سائره پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي.
پر هاڻي پنهنجي تازي بيان ۾ سائره بانو وضاحت ڪندي چيو ته” مان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اسان جي باضابطا طلاق نه ٿي آهي، اسان اڃا به زال مڙس آهيون. “
هن وڌيڪ چيو ته” اسان هن وقت ڌار آهيون، ڇو ته گذريل ٻن سالن کان مان ٺيڪ نه هئس ۽ مان رحمان تي وڌيڪ دٻاءُ نه پئي وجهڻ چاهيو، پر مهرباني ڪري مون کي اي آر رحمان جي اڳوڻي گهرواري نه چئو.“
اي آر رحمان جي صحتيابي بابت ڳالهائيندي سائره بانو لکيو ته ” رحمان منهنجين دعائن ۾ هر وقت شامل هوندو آهي ۽ مان سندس جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان. “
هن وڌيڪ چيو ته ” هن مشڪل گهڙيءَ ۾ مان ساڻس گڏ بيٺي آهيان، مون کي اطلاع مليو آهي ته کيس سيني ۾ تڪليف ٿي جنهن بعد سندس انجيوپلاسٽي ڪئي وئي، هو هاڻي ٺيڪ آهي.“