” الله سڀ ڏسي رهيو آهي“ زرنش جي معافي عليزي جا پراڻا سور جاڳائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام خاطر شوبز ڇڏيندڙ اڳوڻي اداڪارا زرنش خان عليزي شاهه کان معافي گهري ورتي، جيڪا عليزي شاهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
زرنش خان هڪ پروگرام ۾ عليزي شاهه کي ”بدتميز“ قرار ڏيندي چيو هو ته بدتميزيءَ ۾ هن سان ڪو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، پر هاڻي زرنش پنهنجي ماضيءَ جي بيان تي معافي گهري آهي.
زرنش عليزي کي پيغام موڪليو، جنهن ۾ هن پنهنجي غلطي مڃيندي معافي گهري، جنهن تي عليزي شاهه ٻڌايو ته جڏهن زرنش جي اها وڊيو وائرل ٿي، جنهن مون کي ”بدتميز“ چيو ويو، تڏهن سندس ماءُ اڳوڻي اداڪارا کي فون ڪري وضاحت گهري.
عليزي جو چوڻ هو ته زرنش منهنجي ماءُ کي چيو ته هوءَ هڪ وڊيو ٺاهيندي ۽ حقيقت بيان ڪندي، پر پوءِ هن منهنجي ماءُ جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو.
عليزي شاهه پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو” مان توهان کي معاف نه ڪنديس نه ئي وساري سگهنديس ته منهنجي ماءُ پاڻ کي ڪيترو بيوس محسوس ڪري رهي هئي، هوءَ ڪنبي رهي هئي، پر توهان سندس نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو ته جيئن هوءَ ٻيهر معافي جو نه چئي.“
اداڪارا لکيو” مان اڄ تائين ڪنهن خلاف آن لائين ڳالهائڻ پسند ناهي ڪيو، مان رڳو پنهنجي ماءُ سان ۽ الله سان شڪايت ڪندي آهيان.“
عليزي زرنش کي مخاطب ٿيندي لکيو” امان جڏهن مون کي هٿن سان ماني کارائيندي هئي، ته هوءَ توکي به پنهنجن هٿن سان گرهه کارائيندي هئي، الله سڀ ڏسي رهيو آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.