ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ

ميران شاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان مان نوان تيل ۽ گئس جا ذخيرا هٿ آيا آهن.
ماڙي انرجيز لميٽيڊ اتر وزيرستان مان تيل ۽ گئس جي دريافت جو اعلان ڪيو آهي.
ماڙي انرجيز طرفان جاري ڪيل بيان موجب، دريافت ٿيل ذخيري مان شروعاتي طور تي روزانو 2 ڪروڙ 4 لک ڪيوبڪ فٽ گئس حاصل ٿيندي.
ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته دريافت ٿيل تيل جي ذخيري مان روزانو 117 بيرل ڪچو تيل حاصل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.