ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي بدلين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
ڪراچي بار طرفان ججن جي بدلين خلاف آئيني آرٽيڪل 184 ٽي تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ صدر پاڪستان ۽ وفاق سميت سپريم ڪورٽ، لاهور، اسلام آباد، سنڌ، ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جي رجسٽرارن سان گڏوگڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ججن ۽ متاثر ججن کي به ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين صدر کي ججن جي بدليءَ بابت غير محدود اختيار نٿو ڏئي، صدر جو قدم عدليه جي آزادي ۽ اختيارن جي ورڇ جي اصولن جي خلاف آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ججن جي بدلي جو نوٽيفڪيشن غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، بدلي ڪيل ججن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، تنهنڪري کين ٻيهر حلف کڻڻو پوندو.
درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ تڏوهڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق طرفان جاري ڪيل ججن جي بدليءَ واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين سينيارٽي لسٽ کي غير آئيني قرار ڏئي ۽ وقتي چيف جسٽس جي مقرريءَ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پڻ رد ڪيو وڃي.
You might also like