سڳيون ۾ ارڙي سبب وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا فوت

سڳيون (قادر بخش ڀنڀرو) سڳيون واري علائقي ۾ ارڙي جي بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيو ارڙي وگهي وڌيڪ ٻه معصوم ٻارڙا سعيد مشوري ۽ عيدل مشوري فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻن ڏينهن اندر ارڙي وگهي فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن جو انگ وڌي 7ٿي ويو آهي،سڳيون ڀرسان ڳوٺ نهال خان مشوري ۾ ٻن ڏينهن اندر 7 معصوم ٻارڙا ارڙي وگهي فوت ٿي ويا آهن جڏھن ته ساڳي ئي ڳوٺ ۾ ٻيا ڪيترائي معصوم ٻار هن موضي مرض ۾ مبتلا ٿيل آهن، جڏهن ته ارڙي جي بيماري سبب  وڌيڪ ٻه معصوم ٻار عيدل مشوري ۽ سعيد مشوري به فوت ٿي ويا آهن، ڳوٺاڻن پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو هن وقت تائين صحت کاتي جي ڪابه ٽيم ڳوٺ ۾ ناهي پهتي ۽ اسان جا گلن جهڙا معصوم ٻارڙا زندگي ۽ موت ,جي واٽ تي بيٺل آهن هنن ڊي سي خيرپور ۽ ڊي ايڇ او خير پور ,سيڪريٽري هيلٿ ۽ منسر هيلٿ کان نوٽيس وٺڻ جو پر  مطالبو ڪيو آهي نه ٻي صورت ۾ احتياجي مظاهرو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.