ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان ريٽائرمينٽ واپس وٺڻ بابت دلچسپ بيان ڏئي ڇڏيو.
ويرات ڪوهلي گذريل سال جون ۾ ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي الوداع چيو هو.
ڇنڇر ڏينهن ويرات ڪوهلي ڀارت لاءِ مختصر فارميٽ ۾ آخري ڀيرو واپسي جو امڪان ظاهر ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪوهلي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم رائل چئلينجرز بئنگلورو( آر سي بي ) جي هڪ خاص تقريب دوران ميزبان عيسيٰ گوها سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم 2028ع ۾ شيڊيول لاس اينجلس اولمپڪس جي فائنل ۾ پهتي ته هو ان مقابلي لاءِ ريٽائرمينٽ واپس وٺي سگهي ٿو.
واضح رهي ته 2028ع ۾ ٿيندڙ لاس اينجلس اولمپڪس ۾ 128 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ کي شامل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ، ڪرڪيٽ اولمپڪس ۾ آخري ڀيرو 1900 ۾ ٽيسٽ فارميٽ ۾کيڏي وئي هئي، جڏهن ته لاس اينجلس اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت شامل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، 36 ورهين جي ڪوهلي مذاق ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم اولمپڪس جي فائنل ۾ پهچي ٿي ته هو آخري دنگل کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
ڪوهلي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان گولڊ ميڊل لاءِ فائنل ميچ دوران مان لڪ ڇپ ۾ اچي کيڏي سگهان ٿو، پوءِ ميچ کٽي ميڊل کڻي گهر واپس هليو ويندس.
واضح رهي ته ڪوهلي آڪٽوبر 2023 ۾ ڪرڪيٽ جي اولمپڪس ۾ واپسيءَ واري اعلان تي خوشي جو اظهار ڪيو هو
سندس چوڻ هو ته اِهو ٻڌي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته آءِ پي ايل سميت دنيا جي مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگز هن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هي بهترين موقعو آهي، اولمپڪ چيمپيئن وڏي ڪاميابي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.