ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪندي:مخدوم فخرالزمان

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي مخدوم فخر الزمان ڪئنالن جي تعمير خلاف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ نون ڪئنالن جي تعمير سان سنڌ جي زرعي زمينون بنجر ٿي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ ۾ ڏکيائيون آهن ۽ نون ڪينالن جي تعمير سان ٺٽي، بدين ۽ ڪراچي جي ماڻهن لاءِ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي. پاڪستاني صدر آصف علي زرداري به ڪينالن جي مخالفت ڪندي پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي. ٻيون پارٽيون صرف من گھڙت اشوز ٺاهي ڪري  عوام کي گمراهه ڪري رهيون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ ڪينالن جي تعمير خلاف هڪ قرارداد پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ ٻين سياسي پارٽين کي حمايت جي اپيل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.