اسلام آباد(م ڊ)مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ڪئنالن جي اشو تي اسان قومي اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي رهيا آهيون،ان تي ڀلي ووٽنگ ٿئي يا نه اسان ڏسنداسين ته پ پ وارا سنڌ جي مفاد جو تحفظ ڪن ٿا يا نه؟اسان پنهنجو موقف صاف رکنداسين ته اپوزيشن سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو،پ پ ۽ ن ليگ توهان جي پٺيءَ تي خنجر هنيو ٻئي پاسي عمرايوب الزام هنيو ته بلاول ڀٽو وفاق کان 9 ارب رپيا وٺي سنڌ جي حقن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي،ننڍن صوبن جي مرضي کان بغير ڪئنال رٿا نه ٺهڻ گهرجي