پ پ جي منافقت وائکي ٿي چڪي آهي:رياض چانڊيو

حيدرآباد(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جو  منافقاڻو چھرو ان جو حڪومتي انداز  گذريل 18 سالن جي اقتداري عرصي دوران ظاهر ٿي چڪو آهي، زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻهن کان کسيون ويون آهن، جنهن جي تصديق پارليامينٽ ۾ وزير مصدق ملڪ ڪئي آهي جيڪڏهن پپپلزپارٽي کي اعتراض  آهي ته سنڌحڪومت واپس وٺڻ جو اختيار رکي ٿي اھي زمينون سنڌ  جي ماڻهن جي ملڪيت آهن هن چيو ته وفاق ڪئنالن جو ڪم بند ڪرڻ جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،سنڌ جي ماڻهن کي روڊن رستن تي نڪرڻو پوندو هن چيو ته جيئي سنڌ محاذ  جي مک مرڪزي تقريب 14 مارچ درياهن جو  تحفظ عالمي ڏينهن جي نسبت سان المنظر  ڄامشورو ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.