ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي، نوان ڪئنال ٺاهڻ ۽ زمينن جي والار خلاف سنڌ واسين سنڌ دشمن رٿائون ختم ٿيڻ تائين ڀرپور احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي، ڪالهه حيدرآباد جي وڪيلن، لا ڪاليج ۽ مسلم ڪاليج حيدرآباد جي شاگردن سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي شاڪر نواز شر، علي محمد شورو، ساجد پالاري، ديال ڪمار، علي احمد ۽ ٻين ڪئي، جن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمينون سنڌ جي غريب هارين ۽ مزدورن کي ڏيڻ بدران سگهارن ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌو درياهه کسڻ جي سازش ٿي رھي آهي، سمنڊ تيزي سان سنڌ جون زمينون کائي رهيو آهي، پاڻي نه ملڻ ڪري انڊس ڊيلٽا مري چڪي آهي، هنن چيو ته سنڌ سدائين پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي پئي اچي، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي پنجاب جا ڌاڙا ورهين کان جاري آهن، سنڌ جو جياپو سنڌو درياهه آهي، سنڌو درياهه رهندو ته سنڌ به رهندي، هنن چيو ته پنجاب 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿو، ڪئنال سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ موت جو پروانو آهن، سنڌ جا ماڻهو واضح ڪري چڪا آهن ته ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھن، ٻي پاسي کوسڪي ۾ شادي لارج، نندو، ڪڍڻ، فقيرآباد، خليفو قاسم ۽ ٻين يونين ڪائونسلن ۽ ڳوٺن جي هزارين ماڻهن تاريخي احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ آبادگار، ھاري، واپاري، سياسي سماجي اڳواڻ، ڪارڪن، پورھيت، صحافي، استادن ۽ شاگردن به شامل هئا، ان موقعي تي عزيز الله ڏيرو، صحافي عبدالغفور چانڊيو، صحافي ظفر حسين حيدري، علي اڪبر ڀوت، صحافي صمند کوسو، ميان کوسو، صحافي عبدالوھاب ترين، فقير امين احمداڻي، فقير شوڪت علي احمداڻي، فقير امان الله کوسو، فقير علي احمد کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن وفاق سامراج پنجاب جو جابراڻو ظالماڻو فيصلو سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام کي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، سنڌو درياءَ سنڌين جي جياپي جو واحد ذريعو آھي، وفاق ۽ پنجاب پنھنجي ھوڏ ۽ ضد تان نه لٿا ته ھاڻ رت وھندو، هنن چيو ته ملڪي قانون ۽ بين الاقوامي قانون، دريائي قانون ۽ اسلامي شرعي قانون ۾ سنڌو درياءَ تي پهريون حق سنڌ ۽ سنڌين جو آھي، انھن وفاق ۽ سامراج پنجاب کي چتاءُ ڏنو ته ھو طاقت جي ڏڍ تي پنھنجن مڙهيل جابراڻن فيصلن ۽ جبري زبردستي واھن ڪڍڻ واري ضد تان باز اچن، هوڏانهن مورو ۾ به ڪئنال رٿا خلاف فنڪار سياسي، سماجي، صحافين، شاعرن، اديبن، شھرين سميت مختلف سياسي پارٽين پاران مورو درس باءِ پاس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف ھنڌن تان ٿيندي مورو پريس ڪلب وٽ پھتي، جتي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، مظاھري جي اڳواڻي عبدالرئوف مگسي، دلشير تيوڻو سڌير ميرالي، علي محمد بھراڻي، استاد رحمت علي ميرالي، فقير عبدالغني سولنگي، گدا حسين سولنگي ڪري رھيا ھئا، هنن چيو ته سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير آباد بنجر ٿيندي ۽ سنڌ جا ماڻھون بک بدحالي سبب خودڪشيون ڪندا، وفاقي حڪومت سنڌ جي 8 ڪروڙ عوام جي حق تي ڌاڙو پئي ھڻي جيڪو برداشت ڪرڻ ناممڪن آھي.