ڪوئيٽا(بي بي سي)جعفر ايڪسپريس ۾ سوار پوليس اهلڪار چيو ته بلوچ شدت پسندن جي حملي کانپوءِ پهرين ته اسان ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏ مقابلو ڪيو پوءِ ايمونيشن ختم ٿيڻ تي اسان کي يرغمال بڻايو ويو،ٻئي پاسي ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن نوگوايريا بڻيل آهي،ماڻهو وڏي انگ ۾ پنهنجي پيارن جي باري ۾ معلومات لاءِ ڪڏهن هڪ گيٽ ته ڪڏهن ٻي آفيس جا ڌڪا کائي رهيا هئا،ڪرفيو جهڙو سمان هو،ڪوئيٽا ايندڙ ويندڙ ٽرينون ٻئي ڏينهن به معطل رهيو،ٻنپهرن کانپوءِ هڪ رليف ٽرين رواني ٿي آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ تابوت آهن،