شدت پسندن عورتن ۽ ٻارن کي ڇڏي ڏنو:اکين ڏٺا شاهد

ڪوئيٽا(بي بي سي) بي ايل اي پاران  ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هنن عام شهرين عورتن ۽ ٻار ن کي  ڇڏي ڏنو آهي.جعفر ايڪسپريس جي بوگي نمبر ٽي ۾ موجود مشتاق محمد جو چوڻ آهي ته “حملي جي شروعات هڪ وڏي ڌماڪي سان ٿي هٿياربندن  ڪجهه ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ڏسڻ شروع ڪيا  ۽ انهن کي الڳ الڳ بيهارڻ شروع ڪيو. بوگين جي دروازن تي ٽي ٽي دهشتگرد پهرو ڏئي رهيا هئا. هنن چيو ته اهي سويلين ، عورتن ، پوڙهن ۽ بلوچن کي ڪجهه نه چوندا.مشتاق محمد وڌيڪ ٻڌايو ته اهي ماڻهو (حملي آور) پاڻ ۾ بلوچي ڳالهائي رهيا هئا ۽ انهن جو ليڊر کين بار بار چئي رهيو هيو ته سيڪورٽي اهلڪارن تي نظر رکو اهي هٿ مان نه وڃڻ گهرجن.اسحاق نور مطابق شام وقت حملي آورن چيو ته اهي بلوچن، عورتن ۽ ٻارن کي توڙي بزرگ مسافرن کي  ڇڏي رهيا آهن.هٿياربند شناختي ڪارڊن وسيلي صوبي کان ٻاهر جي ماڻهن جي تصديق ڪري رهيا هئا.هڪ نا معلوم مسافر دعويٰ ڪئي ته هن جي اڳيان ٻن فوجين کي گولي هنئي وئي ۽ چئن کي کنڀي ويا.هن جو چوڻ هيو ته شدت پسند پنجابين کي پاڻ سان وٺي ويا.محمد اشرف چوي ٿو ته شدت پسندن جو انگ تقريبن اڍائي سئو تائين هيو.هٿياربندن اسان کي ڇڏيو ته  مشڪل رستن تان لنگهندا  پنير ريلوي اسٽيشن تي  پهتاسين.هڪ عورت مسافر مطابق شدت پسندن عورتن ٻارن ۽ پوڙهن کي ڇڏي ڏنو مردن کي روڪي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.