جعفر ايڪسپريس تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا جي اي آئي وسيلي پروپيگنڊا

ڪراچي (م ڊ) جعفر ايڪسپريس تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا اي آئي وسيلي پروپيگنڊا ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هڪ مخصوص سياسي جماعت جوسوشل ميڊيا  به پروپيگنڊا ۾ مصروف ٿي ويو ڊان مطابق دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽي وي چينل جعفر ايڪسپريس حملي جي خبر عالمي سطح تي  ڪالعدم قرار ڏنل دهشتگرد تنظيم بي ايل اي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان بريڪ ڪئي.ڀارتي چينلن حسب روايت اي آئي سان تيار ڪيل وڊيوز ، پراڻي وڊيوز ۽ تصويرن جو سهارو وٺي  پروپيگنڊا ڪندا رهيا. جعفر ايڪسپريس تي حملي جي جعلي وڊيو ڀارتي ۽ مبينه طور پي ٽي آئي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي جاري ڪئي وئي. هڪ جعلي وڊيو ۾ 2022 جي هڪ فلم جي سين کي  حصو بڻايو ويو ۽ ان کي جعفر ايڪسپريس سان جوريو ويو.دفاعي ماهرن ڊاڪٽر قمر چيما، ڊاڪٽر ماريا سلطان ۽ سيد محمد علي مطابق اها خبر بي ايل اي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان بريڪ ٿي ۽ ڀارتي اڪائونٽن ان کي ڦهلايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.