آرمي چيف، مشرف ۽ باجوا جي فيصلن جو بار کڻي گهمي پيو

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)مشرف دور ۾ اڪبر بگٽي کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ ٻاريل باهه اڃا تائين وسامي ناهي سگهي،ان وقت جنرل مشرف کي اهو چوڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ته اسان انهن کي اهڙي هنڌ تان نشانو بڻائينداسين جو کين خبر ئي نه پوندي،توهان بلوچن کي چئلينج ڪيو،نتيجو سامهون آهي،اهو فيصلو اڄ تائين توهان  جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي، ٻيو جنرل باجوا جي دور ۾ افغانستان مان 35 هزار  ٽي ٽي پي دهشت گرد ڪي پي ۾ آڻي آباد ڪيا ويا،ان فيصلي ۾ سياستدانن جو گهٽ جنرلن جو وڌيڪ ڏوهه آهي،باجوا عمران خان جي ٻين ڪمن کان ته لاتعلق بڻيل جي دعويٰ ڪري ٿو پر ان معاملي تي هو نيوٽرل ڇو رهيو؟ڪي پي ۾ دهشت گردي جي لهر اچي وئي آهي،انهن ٻن فيصلن جو بار آرمي چيف جنرل عاصم منير کڻي گهمي رهيو آهي،توهان بلوچستان واقعي بابت خبرون لڪايون،ميڊيا تي پابنديون آهن،ميڊيا تي اچي ٻڌائڻ گهرجي ها ته اسان حملي هيٺ آهيون پر اسان جواب ڏينداسين،حڪومتي وزير ان واقعي تي غائب هئا.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  خميس 13 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.