اسلام آباد (عمران شفقت) ن ليگ ، اسٽيبلشمنٽ ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ مجبوري آهي اگر اهي گڏجي نه هلندا ته ملڪ وري عمران خان واري دور ڏانهن ڌڪجي ويندو.پيپلز پارٽي لاءِ هن وقت ڪئنالن وارو معاملو آهي،جنهن تي ان کي سنڌ اندر قومپرستن ڌرين پاران ٽينشن ملڻ شروع ٿي وئي آهي.پ پ کي به خبر آهي ته اهو ن ليگ جو منصوبو نه پر اسٽيبلشمينٽ جو منصوبو آهي۽ ان سان نه ن ليگ وڙهڻ گهري ٿي نه وري پيپلزپارتي.پر جيڪڏهن پيپلزپارٽي ان تي اسٽينڊ نه ٿي وٺي ته سنڌ اندر ان جي سياست ختم ٿيندي نظر اچي ٿي. اسٽبلشمنٽ کي نهري معاملو سياسي طريقي سان حل ڪرڻو پوندو.ن ليگ لاهور جي عدالت ۾ چئي چڪي آهي ته هي نهري معاملو اسان کان اڳ جي حڪومت جو آهي. پر ن ليگ اندر پيپلزپارٽي سان نفرت رکندڙ احسن اقبال به موجود آهي.احسن اقبال چوي ٿو ته جن جي سياست نه پئي هلي سي سنڌ جي نالي تي سياست ڪري رهيا آهن. پر احسن اقبال کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ ۾ حافظ صاحب پاڪستان بچاءِ يا ۽ چولستان بچايو جا نعرا پيا لڳن،توڙي جو اها قومي ميڊيا تي خبر نه پئي هلي پر احسن اقبال کي ويچارڻو پوندو.