اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارٽي اڳواڻن زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري سان ميمبر قومي اسيمبلي مير غلام علي ٽالپر ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بدين جي عوام جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي، هن سان سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينا خالد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بي آءِ ايس پي تحت هلندڙ منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي رابطا سيڪريٽري فرزند علي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين سان زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز پارٽي پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پ پ پنجاب جي تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ اڳوڻي ميمبر پنجاب اسيمبلي عائشه نواز چوڌري به موجود هئي.