190 ملين پائونڊ سنڌ جو حق آهي:آفاق احمد

ڪراچي(م ڊ)ايم ڪيو ايم حقيقي جي چيئرمين آفاق احمد چيو آهي ته پ پ سنڌوءَ تي ڪئنال ڪڍڻ جي باري ۾ ڊرامو ڪري  رهي آهي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پ پ جي اعليٰ قيادت 8 جولاءِ تي 6 ڪئنال ڪڍڻ جي دستاويزن تي صحيح ڪيئ ۽ هاڻي بيان بازي ذريعي عوام  کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،هن چيو ته ڪراچي ۾ واٽر ٽئنڪر ۽ ڊمپر مافيا جو رويو تبديل ناهي ٿيو،190 ملين پائونڊ سنڌ جو حق آهي ۽ اهو ڪراچي جي زمينن جو پئسو آهي،هن چيو ته وزيراعظم 190 ملين پائونڊ سان اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم جي ان فيصلي جي مذمت ڪريونٿا،آفاق احمد چيو ته خالد مقبول 190 ملين پائونڊ ڪراچي آڻڻ لاءِ پنهنجي وفاقي وزارت داءُ تي نه لڳائيندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.