ميهڙ جي معصوم عظمت سوڍر جو قتل ڪيس داخل

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ۾ گذريل ڏھاڙي درگاھه حاجن شاھ جي مجاور بڻيل جوابدار هٿان 8 ورهين جي معصوم ٻارڙي عظمت سوڍر کي مبينا زيادتي بعد لوھي سيخون۽ سروٽا ھڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ميھڙ جي اي سيڪشن تي ٻارڙي جي امڙ وزيران سوڍر جي فرياد تي جوابدار جنسار نوناري خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آھي ته منھنجي نياڻي عظمت پنھنجي سئوٽ سان گڏ کيڏڻ لاءِ وئي ھئي، بعد ۾ عظمت جو سئوٽ ڊوڙندي آيو ۽ ٻڌايو ته جنسار عظمت کي قبرستان کڻي ويو آھي، اسان ڏٺو ته جوابدار جنسار کڏ کوٽي رھيو ھو، بعد ۾ لاش کڻي اسپتال منتقل ڪيو، ھوڏانھن ٻارڙي کي قتل ڪندڙ جوابدار پوليس حراست ھيٺ آھي، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇانيل آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.