حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو، سڀاني ڏاهري ۽ زرقا هاليپوٽو ميهڙ ۾ اٺ ورهين جي معصوم نينگري عظمت سوڍر جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي عورتن کان جيئڻ جو بنيادي حق ڦري ورتو آهي، 8 ورهين جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي ڪري قتل ڪندڙ جوابدارن کي جاگيرداري نظام جي سرپرستي آهي، ميهڙ واقعي کان پهرين به ڪيترين ئي معصوم نياڻين سان ڏاڍائي ڪري کين قتل ڪيو ويو آهي، اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن جيڪا سنڌ حڪومت لاءِ انتهائي شرم جهڙي ڳالهه آهي، سنڌياڻي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته نينگري عظمت سوڍر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيئن ٻيهر ڪنهن وحشي درندي کي اهڙي جرئت نه ٿئي ۽ سنڌي نياڻين جو مسقبل بچايو وڃي.