بحريا ٽائون ڪراچي جي سموري ڪمرشل پراپرٽي سيل ڪرڻ جو آرڊر جاري

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) نيب پاران بحريا ٽائون ڪراچي خلاف ٿيندڙ جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل نيب سنڌ جاويد اڪبر رياض جاچ بعد بحريه ٽائون ڪراچي جي تمام ڪمرشل پراپرٽي کي سيل ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، آرڊر ۾ 10 هزار 4 سئو 68 ننڍن وڏن ڪمرشل پلاٽن جي ٽرانسفر بند ڪئي وئي آهي، نيب پاران آرڊر ۾ ڄاڻايو آهي ته بحريه ٽائون کي الاٽ ٿيل زمين کان علاوه وڌيڪ زمين تي قبضي جون شاهديون مليون جنهن بعد نيب جاچ جو دائرو وڌائيندي جاچ شروع ڪئي جنهن بعد 10 هزار کان وڌيڪ ڪمرشل پلاٽن جي خريد و فروخت ۽ منتقلي تي پابندي لڳائي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.