اسلام آباد(م ڊ) آمريڪا بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس جي مسافرن کي يرغمال بڻائڻ جي سخت مذمت ڪندي بلوچ لبريشن آرمي(بي ايل اي) کي عالمي دهشت گرد گروپ قرار ڏنو آهي، سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان متاثرن سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، اسان هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون ۽ آمريڪا پاڪستان جو مضبوط پارٽنر رهندو، ٻئي طرف، چين به جعفر ايڪسپريس تي دهشت گرد حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به دهشت گرد حملي جي مذمت ڪئي آهي، سندس ترجمان اسٽيفن ڊوچارڪ چيو آهي ته ٽرين جي مسافرن کي يرغمال بڻائڻ جي صورتحال تي نظر آهي۽ يرغمال بڻائڻ جي ڪنهن به واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي، يرغمالين کي فوري آزاد ڪيو وڃي، روس جي سفارت خاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، فرانسيسي سفارت خاني به ٽرين تي دهشت گردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستاني عوام سان مڪمل طور تي يڪجهتي جو اظهارِ ڪريون ٿا، يورپي يونين، ترڪيه ۽ ايران به حملي جي مذمت ڪئي آهي.