جعفر ايڪسپريس سانحي تي مذمتي ٺهراءُ منظور، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪنگ جي خلاف گڏيل طور تي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويو.
پارلياماني مامرن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو.
ٺهراءَ ۾ جعفر ايڪسپريس واقعي ۽ سمورن دهشتگرد واقعن جي سخت مذمت ڪئي وئي.
ٺهراءَ متن موجب، قومي سلامتي سان ٽڪراءَ رکندڙ ڪنهن به نظريي کي پکڙجڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ايوان حادثي ۾ مارجي ويل معصوم شهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ بهادر جوانن جي قربانين کي ساراهيو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي، جڏهن ته انتهاپسندي جي هر صورت جي مذمت ڪئي وئي.
نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪندي، ٺهراءُ تي بلاول ڀٽو زرداري، اسد قيصر، راجا پرويز اشرف، زرتاج گل، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن صحيحون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.