بلوچستان حملي ۾ ”را“ ملوث آهي، ڀارت عالمي امن لاءِ خطرو بڻجندو پيو وڃي: سک اڳواڻ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سکن جي عالمي تنظيم سک فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگھه پنون چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٽرين تي ٿيل حملي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ ملوث آهي.
گرپتونت پنون پنهنجي بيان ۾ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيل حملي جي ذميواري ڀارت تي اچي ٿي.
هن عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول ۽ را خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇو ته ڀارت پاڪستان خلاف ڳجهي جنگي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته مودي حڪومت نه رڳو علائقائي پر عالمي امن لاءِ به خطرو بڻجي چڪي آهي.
سک اڳواڻ موجب، ڀارت عالمي سطح تي پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهي ۽ بلوچستان ۾ ٽرين تي حملو ان جي جارحاڻين قدمن جو ثبوت آهي.
هن چيو ته ڀارت سرحد پار دهشتگردي ۾ ملوث آهي ۽ پاڙيسري ملڪن کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
گرپتونت پنون جو چوڻ هو ته را جون ڪارروايون ڏکڻ ايشيا لاءِ خطرو آهن، ان ڪري ڀارت جي ڳجهن ايجنسين تي سفارتي ۽ سيڪيورٽي پابنديون لڳڻ گهرجن.
هن چيو ته دنيا کي هاڻي ڀارت جي ڳجهن دهشتگرد ڪاررواين تي خاموش نه رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڀارت جو احتساب نه ٿيو ته ايندڙ حملا وڌيڪ معصوم جانيون وٺي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.