هٿيارن جي لائسنس بابت گهرو کاتي وڏو قدم کڻي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو کاتي هٿيارن جي لائسنز جي تصديق لاءِ اهم قدم کڻندي نادرا کي آن لائن تصديق لاءِ ڪيو آر ڪوڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪيو آر ڪوڊ جي مدد سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر هٿيار جي لائسنس جي تصديق ڪري سگهندا.
صوبائي گهرو سڪريٽري جي صدارت هيٺ هٿيارن جي لائسنس جي تصديق بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسپيشل سيڪريٽري فضل الرحمان، ايڊيشنل سيڪريٽري عمران حسين رانجھا ۽ نادرا عملدارن شرڪت ڪئي.
گهرو سڪريٽري نادرا کي هدايت ڪئي ته سڀني هٿيارن جي لائسنز کي لاڳاپيل فرد جي سڃاڻپ ڪارڊ سان جوڙيو وڃي ۽ ڪيو آر ڪوڊ لڳائڻ جو عمل هفتي اندر مڪمل ڪيو وڃي.
پنجاب جي سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هٿيارن جهي لائسنز جي تصديق لاءِ ڪيو آر ڪوڊ شامل ڪيو وڃي ته جيئن جعلي لائسنز جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي.
صوبائي گهرو سيڪريٽري جو چوڻ هو ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهو هٿيارن جي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ نااهل هوندا، آرمز رولز ۾ ترميم ڪري عام شهري لاءِ سهولتون پيدا ڪيون پيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته هٿيارن جي لائسنس جي تصديق لاءِ مانيٽرنگ ڊائريڪٽوريٽ جو ڪردار وڌايو ويندو، جڏهن ته هٿيارن لائسنس جي جاري ڪرڻ ۽ تجديد لاءِ فيس جو نئون شيڊول تجويز ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.